ٺڪر جا ٿانو

ٺِڪَر جا ٿانوَ: ٺڪر جي ٿانون جو وجود سڄيءَ دنيا جي قديم آثارن مان به ملي ٿو. پهرئين دور جي تهذيب ۾ انسانن پٿر مان ٺهيل ٿانون کي ڪم آندو، جن کي ان وقت به اهميت هئي ۽ اڄ به اها اهميت قائم آهي، ٺڪر جا ٿانو مٽيءَ مان ٺهندا هئا ۽ اُهي ٺاهڻ توڙي آويءَ ۾ پچائڻ سولا هوندا هئا، ان ڪري ڌاتوءَ جي دريافت کان اڳ اهي استعمال ٿيندا هئا. اها حقيقت آهي ته تاريخ جي دور کان به اڳ ٺڪر جا ٿانو استعمال ۾ ايندا هئا. موهن جو دڙو، جيڪو 5 هزار سال ق. م ۾ آباد ۽ شاداب شهر هو، ان مان لڌل ٺڪر، سنڌونديءَ جي چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل هئا، جن ۾ چُن ۽ ابرق جا ننڍڙا جزا به شامل هئا، ان مِٽيءَ مان ٿانوَ چَڪَ تي ٺاهيا ويندا هئا، پر ڪي ٿانوَ هٿ سان به گهڙيل به مليا آهن. چَڪَ تي ٺهيل ٿانون سُڪڻ کان پوءِ هڪ قسم جي مٽيءَ جي ميلاپ سان ، جنهن ۾ لوهه جا جٺا به شامل هوندا هئا هلڪو بادامي رنگ ٺهندو هو، ان سان رڱائي ڪئي ويندي هئي، ۽ ان مٿان ڪاري رنگ جي مصالحي سان چٽ ڪڍيا ويندا هئا. انهن چٽن ۾ اُڀرندڙ سج جي شڪل، ڦڻيءَ جي نموني ٺهيل چٽ ۽ جانورن، جهرڪين، نانگن ۽ مڇين وغيره جون تصويرون، ۽ ڪجهه ٿانون تي هرڻ ۽ جابلو ٻڪرن (گڍن / سرهن) جون تصويرون به مليون آهن. بعد ۾ ڌاتن مان وسيع پيماني تي ٿانو ٺهڻ لڳا، جن ۾ پائداري وڌيڪ هئي، پر ٺڪر جي ٿانون جو سلسلو به جاري رهيو. اڄ به سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪنڀارن جا دڪان ۽ آويون موجود آهن.
گهاڙيٽي جي لحاظ کان سڄيءَ سنڌ جي طبعي ڀاڱن ۾ ٿانون جا جدا جدا نمونا نظر اچن ٿا. اڄ تائين ضرورت آهر هيٺ ڄاڻايل ٺڪر جا ٿانوَ روزمره جي استعمال هيٺ آهن:
دلو، ماٽي، وڏو مَٽ، دلي، گهاگهر، تسر، دَکي، لوٽو، لوٽي، ڪُپڙي، ڪنگر، ڪنگري، ساڙهو، طباخ، ڪُني، ڪنو، پارڙو، ڍڪڻ، والو ۽ لسو ڍڪڻ، ڍڪڻي، دانگي، ڏيئو، گُگهي، چلم، حقو، توپي، چلمچي، ڪُونار، ڪونڊو (ٿاڌل وارو)، ڇَل، اُکرلو، اُکري، ڪونرو، نادِي، جنڊي (سارين ڏرڻ جي)، مُخبو، ڍَاڪون، تيلاٽي، ڦيلهي (ننڍي پاٽپاٽ، پاٽوڙو، سفالو، پيالو، جمن، تسري ۽ ٻارن جا رانديڪا وغيره سنڌو ماٿري ۾ ٿانون جي جوڙڻ ۽ جدا جدا هنڌن تي انهن جي نمونن ۾ فرق نمايان آهي. اتر سنڌ ۾ مٽيءَ جي چڪ عيوض پٿر جي ننڍي چڪ تي ٿانو ٺاهبا آهن ۽ اهو چڪ پير سان هلائبو آهي. طباخ، پاٽ، ڪونڊو ۽ اکريءَ جهڙا ٿانو چڪ تي لاٿا نه ويندا آهن، پر اهي هٿ تي ٺاهبا آهن. دادوءَ خاص ڪري جوهيءَ پاسي گهگهيون پهرين قالب ۾ ٺاهبيون آهن، ان بعد انهن جو پُڙ ۽ ڳچي چڪ تي ٺاهيندا آهن. مُهراڻي ۽ عمرڪوٽ واري تر، پراڻ واري پاسي، پنگريي ۽ ٽنڊي باگي جي ٿانون جي بيهڪ، چِٽ ۽ نفاست پنهنجو مٽ پاڻ آهن. آڳاٽي وقت ۾ حيدرآباد ۽ چنبڙ جي، چلم سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي، جيڪا ٽن چئن طبقن ۾ ٽڪ سان جوڙي ويندي هئي. اُڏيري لعل ۽ شهدادپور جي وچ واري علائقي جي پاٽ، ساڪري ۽ پٿوري واري تر جا مٽ ۽ ماٽيون سُهڻائيءَ جي ڪري اڄ به مشهور آهن. ڄارڪيءَ ۾ حُقن جون ٽوپيون، دادو، سيوهڻ ۽ جوهيءَ جون ميٽايون گهگهيون، هالا جا ڪونڊا پوريءَ سنڌ ۾ پنهنجي منفرد حيثيت رکن ٿا. ڪي ڪاريگر مٽيءَ جا ٿانو چڪ تي ڇِل ڪري جنڊيءَ وانگيان ٺاهيندا آهن. اهڙا ڪاريگر تمام ٿورا آهن. اهڙو ڏانءُ جيمس آباد، صالح ڀنڀري، چنبڙ۽ پنگرئي پاسي جي ڪن ڪنڀارن کي آهي، جن جو ڪم ڏسڻ جهڙو آهي. خيرپور جي پاسي انهيءَ نفيس ڪم جو رواج آهي، پر اهو قالب جو محتاج آهي. طبي طرح به چوندا آهن ته ٺڪر جي ٿانون ۾ رڌل کاڌو جست، ٽامي وغيره جي ٿانون کان وڌيڪ ٿڌو ۽ صحت لاءِ بهتر هوندو آهي.


لفظ ٺڪر جا ٿانوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو